ٽنڊي ڄام ۾ٽئڪس اوڳاڙي خلاف ڌرڻو، جهيڙو، مارڪٽ

ٽنڊوڄام (رپورٽ : احمد سجاد) ٽنڊوڄام ويجهو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي قائم ٽول انتظاميه پاران مقامي ماڻهن ۽ رڪشا ڊرائيورن کان ٽول هٿيارن جي زور تي ٽول ٽيڪس جي اڳاڙي جاري، مقامي ٽرانسپورٽرن ۽ رڪشاء ڊرائيورن جو پريس ڪلب ٽنڊوڄام اڳيان روڊ تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون روڊ بلاڪ، مظاهرين ۽ مسافرن وچ ۾ جهيڙو هڪ ٻئي مٿان لتن مڪن جو وسڪارو، مظاهرين طرفان ٽول انتظاميه ۽ چونڊيل ايم پي اي ۽ سندس پٽ خلاف ڇتي نعري بازي، رپورٽ موجب ٽنڊوڄام ويجهو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ انتظاميه پاران هٿيارن جي زور تي ڏيٿا اسٽاپ وٽ قائم ٽول پلازه تي ٽنڊوڄام توڙي مقامي ٽرانسپوٽرن کان ڏنڊي جي روز تي ناجائز ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف مقامي ٽرانسپوٽرن ۽ رڪشا ڊرائيورن ۽ مقامي ماڻھن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيان ان دوران سخت نعريبازي پڻ ٿيندي رهي، چار ڪلاڪ روڊ بند هجڻ سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون روڊ بند هجڻ ڪري مسافرن ۾ مظاهرين ۾ ڏند چڪ شروع ٿي وئي جنهن سبب مظاهرين ۽ مسافرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي مٿان لتن مڪن جو وسڪارو شروع ٿي ويو جڏھن ته مظاهرو ڪندڙ اڳواڻن ظهير ڪليري، راشد خاصخيلي، حنيف خاصخيلي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي گاڏين کان ميرپورخاص جيترو پورو ٽيڪس ۽ رڪشائن کان به 45 رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو سلسلو جاري آهي مقامي گاڏين کان پورو ٽيڪس وٺڻ ۽ رڪشا تي غيرقانوني مڙهيل 45 رپيا ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران فيصلو ڪيو ويو هو ته پنج ڪلو ميٽر تائين جي عوام ٽول کان آجي هوندي ۽ ٽنڊوڄام واسين کان 10 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. پر ان جي باوجود ٽول انتظاميه سپريم ڪورٽ جي ابتڙ ڏنڊي جي زور تي ٽنڊوڄام واسين کان ڏھ رپين جي بجاء پندرهن رپيا ٽول ٽيڪس اوڳاڙي رهي هئي ۽ هاڻي ٽول انتظاميه هٿيارن جي زور تي ٽنڊوڄام واسين کان 15 رپين بجاءِ 80 رپيا ٽيڪس اوڳاڙي ڪري رهي آهي. جڏهن ته رڪشائن کان پڻ غيرقانوني طور تي 45 رپيا اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته اسان حيدرآباد شهر ۾ روزانو 10 ڀيرا سفر ڪندا آهيون ۽ اسان کان هر ڀيري پنهنجي ئي ضلعي ۾ ميرپورخاص جيترو ٽيڪس اوڳاڙيو پيو وڃي، جيڪو سراسر غيرقانوني آهي ۽ پاڪستان جي ڪنهن به روڊ تي رڪشا يا ٽن ڦيتن واري سواري  کان ٽيڪس اوڳاڙي نه پئي ڪئي وڃي پر هتي ان جي ابتڙ ڪري اسان کان ڏنڊي جي روز تي ٽول اوڳاڙيو پيو وڃي هنن چيو ته ٽول نه ڏيڻ سبب ٽول تي رکيل سندن عملو اسان تي تشدد ڪن ٿا، اگر اسان گهرڀاتين سان گڏ آھيون ته انهن جي به تذليل ڪئي ويندي آھي مظاهرين وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا روڊ بلاڪ ڪري احتجاج پڻ ڪيا آھن ۽ ٽول انتظاميه توڙي ضلعي انتظاميه هر ڀيري واعدو ڪري پنهنجي ئي ڪيل فيصلي تان ڦري ويندي آھي ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد، ضلعي انتظاميه ۽ ٽول انتظاميه پهريان به اسان سان ڳالهيون ڪيون ته ٽنڊوڄام واسين کان پندرنهن رپيا ۽ مقامي ماڻهن کان ٽول نه ورتو ويندو جڏھن ته شرجيل انعام ميمڻ پڻ نوٽيس ورتو ۽ ٽول اڳيان لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو هو ۽ اسان کي لولي پاپ ڏنو ۽ سندس پُٽ راول شرجيل ميمڻ کي اسان ڏي ڳالهين لاء موڪلي اسان کي خاطري ڪرائي هئي ته اوهان جو مسئلو حل ڪرائي ڇڏيو آھي ۽ ٽنڊوڄام واسين کان ٽول نه وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي پر ايم پي اي ۽ سندس پٽ صرف ڪوڙو واعدو ڪري اسان کي لولي پاپ ڏنو. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين وسوارن کان گهر ڪئي ته معاملي جو ازخود نوٽيس وٺي، ٽنڊوڄام واسين تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ٽيڪس ورتو وڃي. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد سرهاڻ اعجاز ابڙو ۽ ڊي ايس پي ٽنڊوڄام مظاهرين سان ڳالھيون ڪري تدارڪ جي يقين دهاني بعد چار ڪلاڪن کان جاري احتجاج ختم ڪرايو ۽ ٽريفڪ بحال ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.