شهدادپور لڳ مزوري نه ڪرڻ تان ڳورهاري ناري تي تشدد

شهدادپور )ن ع آ ) شهدادپور ويجهو ملدسي روڊ ٻائي جي مڙهي واسڻ 6 مهينن جي پيٽ سان شرميتي پٺاڻي زال روپ چند کي مزدوري نه ڪرڻ تان سندس ڏئير ڀگوانو. گيانچند. خان چند ۽ پريم لٺين مڪن سان وحشياڻو تشدد ڪري کيس رتورت ڪرڻ بعد بيهوش ڪري ڇڏيو جنهن کي شهدادپور سمس اسپتال آندو ويو. ان موقعي تي سندس والده جيوڻي باگڙي صحافين کي ٻڌايو ته ڏئيرن ڪم نه ڪرڻ تان منهنجي ڌي تي وحشياڻو تشدد ڪري زخمي ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن ملدسي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.