محرابپور مان گم ٿيل نوجوان جو ڏس پتو نه پيو، احتجاج

محرابپور (ن  ع آ )  محرابپور ڀرسان ڳوٺ محمد عارف حاجي واسي مڇي فارم تي ڪم ڪندڙ پورهيت پراسرار نموني گم ٿي ويل 34 ورهين جو  عبدالفتاح راڄپر جو چار ڏھاڙا گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪوبه ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، جڏهن ته محرابپور پوليس پڻ ڪنهن نتيجي تي پھچڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي، جنهن سبب نوجوان عبدالفتاح جي گهر ڀاتين وارثن ۾ سخت ڳڻتي ۽ خوف واري لهر ڇائنيل آھي، جڏهن ته پورھيت عبدالفتاح راڄپر جي وارثن پاران مسلسل ڳولا ڪرڻ باوجود سخت ڳڻتي ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، ٻئي پاسي پراسرار نموني گم ٿيل پورهيت جي وارثن پاران واقعي کي اغوا قرار ڏنو ويو آھي ۽ مبينه اغوا ٿيل پورهيت جي والد حاجي الھرکيو راڄپر  ميڊيا آڏو هنجون هاريندي چيو آھي ته پٽ جي ڳولا لاءِ  ھر ممڪن ڪوششون ڪيون آھن، پر ڪوبه ڏس پتو پئجي نه سگھيو آهي،  هن کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آھي، پر اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، اسان غريب پورهيو ڪري گذرڻ سفر ڪندا آھيون،ٽيڪنيڪل ٽيم جوڙي پٽ  جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.