پوري ملڪ جيان ميرپورخاص ۾ به يوم دفاع جو ڏينهن وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) پوري ملڪ جيان ميرپورخاص ۾ به 6 سيپٽمبر يوم دفاع جو ڏينهن وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويو ۽ پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي موقعي تي مختلف اسڪولن جي شاگردن شاگردياڻين پاران 6 سيپٽمبر جي حوالي سان پروگرام تقريري مقابلا ۽ ٽيبلو پيش ڪيا ويا جڏهن ته ميرپورخاص جي شهيدن واري قبرستان ۾ آرمي جي جوانن پاران شهيد جوانن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهي سلامي پيش ڪئي ويئي ۽ ميرپورخاص ۾ رهواسي آرمي جي شهيد جوانن جي گھرن وڃي انهن سان ملاقات ڪري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي جڏهن ته مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن  پاران ريليون ڪڍيون ويون ۽ 1965 ۾ شهيد ٿي ويل ملڪ جي گمنام سپاهين جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهي کين ڀيٽا پيش ڪئي ويئي

 نوابشاهه ۾  آرمي آفيسرن پاران شهيدن جي وارثن سان ملاقاتون

نوابشاھ(ڊ ر) 6 سيپٽمبر دفاغ واري ڏھاڙي جي موقعي تي پاڪ آرمي جي برگيڊيئر محمد حسنات، لفٽنيٽ ڪرنل عاصم نور، ايس ايس پي شھيد بينظير آباد امير سعود مگسي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالقدير گجر پاڪ آرمي جي رياض علي، پوليس جي خالد حسين ۽ رينجرز جي شھيد جوانن جي گھر پھچي سندن وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ گلدستا پيش ڪيا ان موقعي تي برگيڊيئر محمد حسنات ۽ ايس ايس پي امير سعود مگسي چيو تہ وطن جو دفاع ھر فرد جو بنيادي فرض آھي پر پاڪ آرمي جا سپاھي ۽ آفيسر ھر وقت سر تري تي رکي ڌرتي جي حفاظت لاءِ فرنٽ لائين تي موجود ھوندا آھن ۽ شھادت انھن لاءِ معراج ھوندي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.