گورک هل اسٽيشن حادثي ۾ فوت ٿي ويل ڪوٽوار جو لاڙڪاڻي لڳ مڙهه مٽي ماءُ حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) گورک هل اسٽيشن وٽ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل لاڙڪاڻي واسي ڪوٽوار واحد بخش ککراڻي جي جنازي نماز شهر ڀرسان رائيس ڪئنال روڊ تي قائم ڳوٺ جهونگل خان ککراڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن بعد مرحوم کي ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن حادثي ۾ فوت ٿي ويل مختيارڪار لاڙڪاڻو سليم الله رند ۽ ٻين فوتين واري واقعي تي لاڙڪاڻي ۾ قائم روينيو آفيس بند رهيو، جنهن سبب ڪيترائي شهري بنا ڪم ڪارين جي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.