ميان صاحب لڳ گم ٿيل 3 ڄڻا نه مليا، گهرن ۾ ماتم متل

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان همايون ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيردل بکراڻي مان اٽڪل 26 ڏينهن اڳ گهر ٻاهران پراسرار

نموني گم ٿي ويل ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي خديجہ ڌيء مولانا مولابخش بکراڻي جو هن وقت تائين ڪو بہ ڏس پتو نہ پئجي سگهيو آهي جنهن جي ڳولها لاء سندس وارث پاڪ ڪتاب کڻي مختلف علائقن ۾ ويا آهن پر ٻارڙي جو هن وقت تائين ڪو بہ ڏس پتو نہ پئجي سگهيو آهي.سندس وارثن شڪارپور پوليس کان گم ٿيل ٻارڙي خديجہ جي ڳولها ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي ان سلسلي ۾ همايون پوليس ٻڌايو تہ ٻارڙي جي ڳولها لاء ڪوشش جاري آهي.ٻي طرف همايون ٿاڻي جي حد بيگاري ڪئنال ڀرسان ڳوٺ بهرام ڀيو واسي 9 ورهين جو نينگر مدرسي ۾ پڙهندڙ کٿابي شاهد پٽ غلام حسين ڀيو جيڪب آباد جي آباد ڳوٺ وٽان گم ٿي ويو آهي جيڪو پڻ وارثن کي نہ ملي سگهيو آهي جنهن بابت همايون پوليس جو چوڻ آهي تہ نينگر شاهد ڀيو پنهنجي مائٽن سان جيڪب آباد جي آباد واري علائقي مان مدرسي وڃڻ کان انڪار ڪرڻ بعد پاڻ ڀڄي ويو آهي هو گم ناهي ٿيو. ھوڏانھن جهان واهہ ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش سيلرو مان پڻ 10 ڏينهن اڳ 28 سالا نوجوان عبدالفتاح پٽ عبدالوهاب سيلرو بہ مبينا طور گم آهي جنهن بابت جهان واهہ پوليس موجب نوجوان جي گم ٿيڻ جو ڪنهن بہ ڪو ٿاڻي تي اطلاع ناهي ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.