پٽ بشير شر جي تعليم ۽ مستقبل بچايو وڃي: عبدالرزاق شر

گلشن اقبال (ن ع آ) مختلف الزامن هيٺ قيد بشير احمد شر جي والد ايس يو پي اڳواڻ عبدالرزاق شر پٽ جي حياتي ۽ مستقبل بچائڻ لاءِ عوامي آواز کي خط لکي اپيل ڪئي آهي ته گذريل ھڪ سال اڳ 16 آگسٽ 2020 تي صبح جو 3 وڳي گھر مان بشير احمد شر ، ڀاءُ غلام رسول سميت کنڀي گم ڪيو ويو، جنھن کي 3 مھينن کانپوءِ 17 نومبر 2020 تي ٽن ٻين نوجوانن سميت سي ٽي ڊي حوالي ڪيو ويو، جن کي نومبر ۾ ميرپورخاص مان گرفتاري ڏيکاري ڪراچي ۾ ظاھر ڪيو ويو هو، جنھن تي مختلف نوعيت جا 5 ڪوڙا ڪيس داخل ڪري 7 ڊسمبر 2020 تي جيل حوالي ڪيو ويو ۽ سندس ڀاءُ غلام رسول کي 5 مھينن پوءِ 16 جنوري 2021 تي آزاد ڪيو ويو.، بشير کنڀي گم ڪرڻ وقت انٽر جو شاگرد ھئو ،ان جو ڏوھ صرف مسنگ پرسن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ ھئو، جڏھن ته سندس ڪنھن به ملڪ مخالف يا دھشتگرد جماعت  سان ڪو به تعلق ناھي، سندس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل حوالي ڪرڻ کانپوءِ به ملڪ جا  ادارا جيل ۾ ھجڻ جي باوجود به تازو ڪجهه سنڌ جي نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ سندن اردو ميڊيا جي ذريعي من گھڙت بيان ڏياري بشير کي به دھشتگرد ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھن،  جنھن لاءِ مان ملڪ جي اعليٰ ادارن صدر پاڪستان ، وزيراعظم پاڪستان، آرمي چيف ، چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪريان ٿو ته 18 سالن جي بشير شر کي آزاد ڪرائي سندس زندگي بچائي تعليم جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.