ڪراچي ۾ 20ڪروڙن جي چوري جا 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو )  ڪراچي ۾ ھلندڙ سال جي سڀ کان وڏي چوري ۾ ملوث 4 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري اڍائي ڪروڙ رپيا ھٿ ڪري ورتا. ايس ايس پي سٽي سرفراز نواز موجب ڪراچي جي مصروف ترين آءِ آءِ چند ريگر روڊ تي ٿيل ھلندڙ سال جي سڀ کان وڏي چوري جي واردات ۾ ملوث 4 وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انھن جي قبضي مان چوري ٿيل رقم به ھٿ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي سٽي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ مجيد گل، سيف الله، سيد نور الله ۽ سلمان شاهه شامل آهن. جن وٽان 2 ڪروڙ 54 لک رپيا روڪ ۽ 2 لک 10 ھزار رپين جي ماليت جا سونا زيورھٿ ڪيا ويا آهن. گرفتار جوابدارن جي ٻين مرڪزي جوابدارن بابت پڇا ڳاڇا جاري آهي . 2 سھولتڪار جوابدار پھريان ئي گرفتار ٿي چڪا آهن . واضع رهي ته ھلندڙ سال 9 آگسٽ تي آءِ آءِ چند ريگر روڊ تي خانگي بئنڪ جو سيڪيورٽي گارڊ پيسن سان ڀريل گاڏي سميت فرار ٿي ويو ھو. واردات ۾ ساڍا 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم چوري ٿي ھئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.