منظور وساڻ زراعت کاتي جي آفيسرن ۾ مقرري جا آرڊر ورهايا

ڪراچي(رپورٽر)  وڏي وزير جو صلاحڪار منظور حسين وساڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪمِيشن جي تحت ايگريڪلچر جي آسامين تي چونڊيل آفيسرن کي ميڊيڪل ۽ ويريفڪيشن (BPS-17) آفيسر وغيره جي پوري ٿيڻ جي بعد زراعت کاتي سنڌ جي آفيس ۾ مقرري آرڊر  ڏنا. ان موقعي تي سيڪريٽري زراعت سنڌ عبدالرحيم سومرو ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. جن کي مقرري جا آرڊر مليا انهن ۾ 57 مرد ۽ 17 عورت آفيسر شامل هئا. ان موقعي تي  آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صلاحڪار زراعت منظور حسين وساڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي زراعت کي جديد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ نون مقرر ٿيڻ وارن آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو صوبي جي زراعت کي ترقي ڏيڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻن. منظور حسين وساڻ چيو ته توهان کي صوبي جي لاءِ پنهنجي تعليم ۽ بهتريت اهليت کي استعمال ۾ آڻڻو آهي. هن آفيسرن کي چيو ته هو صوبي جي زراعت جي ترقي لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪن. ان موقعي تي آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي منظور حسين وساڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور روزگار ڏيڻ آهي روزگار کسڻ ناهي. پيپلز پارٽي پڙهيل لکيل، تعليم يافته، باصلاحيت ۽ محنت ڪرڻ وارن کي روزگار ڏيندي ته جيئن انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهجي. هن اطمينان جو اظهار ڪيو ته مقرري وٺڻ وارن مان سنڌ جي سمورن شهرن جي نوجوانن جي مناسب نمائندگي موجود آهي. منظور حسين وساڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي بغير ڪنهن فرق جي خدمت تي يقين رکندي آهي ۽ پيپلز پارٽي جي هر حڪومت پنهنجي عمل سان هن عزم جو ثبوت پيش ڪندي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جي پاليسي جي خلاف آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.