خانگي اسڪولن پاران 17 ورهين جي شاگردن کي ويڪسين جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ خانگي اسڪولز ايسوسيئيشن جي سربراهن  17 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شاگردن کي ويڪسين ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرائيويٽ اسڪولز ايسوسئيشن جي اڳواڻن ويڪسينيشن مهم بابت ھڪ اھم اجلاس منعقد ڪيو جنھن ۾ اڳواڻن پاران 17 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شاگردن کي ويڪسين ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ويڪسينيشن لاءِ شاگردن جي عمر جو خيال رکيو ويندو ۽ صرف انهن والدين جي رضامندي ظاھر ڪرڻ وارن ٻارن کي ويڪسينيشن ڪئي ويندي.  پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي سربراھن جي فيصلي مطابق ، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي ھڪ ٽيم ويڪسين ڪندي.  جڏھن ته ھر شاگرد کي ابتدائي طبي معائني کانپوءِ ئي ويڪسين ڪئي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.