وزيراعظم ڪجهه وزيرن ۽ آفيسرن هٿان يرغمال آهي: امتياز شيخ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ وفاق تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سي سي آءِ اجلاس ۾ سنڌ سميت ٻين صوبن جي سستي بجلي ٺاهڻ جي منصوبن کي رد ڪيو ويو.

سي سي آءِ اجلاس جي فيصلن تي ردعمل ڏيندي امتياز شيخ اجلاس ۾ وڏي وزير سنڌ جو ڀرپور موقف پيش ڪيو، سستي بجلي ٺاهڻ جو واضح موقف پيش ڪرڻ باوجود منظور نه ڪيو ويو، سنڌ آئين ۽ قانون تحت پنهنجو ڪيس پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ کڻي ويندي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت سي سي آءِ جي فيصلن جي مذمت ۽ رد ڪري ٿي، پاڻي سان بجلي ٺاهڻ جي منصوبن کي اي آر اي پاليسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪا سراسر پاليسي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي

سندس موجب اجلاس ۾ محسوس ٿيو ته ڪجهه وزيرن ۽ آفيسرن کي وزيراعظم کي يرغمال بڻايو آهي، وزيراعظم کي غلط بريفنگ ڏئي فيصلا ڪرايا پيا وڃن، وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو بيانيو ته گذريل حڪومت جي غلط معاهدن سبب بجلي مهانگي ٿي اڄ غلط ثابت ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.