ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 57 حياتيون کسي ورتيون، 3613 نوان مريض

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 57 حياتيون کسي ورتيون ۽ 3613 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 3613 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ 57 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، ان دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.32 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

سرڪاري پورٽل تي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 26 هزار 232، جڏهن ته ڪيسن جو مجموعي انگ 11 لک 82 هزار 918 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 3438 ڄڻا صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 64 هزار 319 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 92367 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.