حب: بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزيرعطاءُ الله مينگل جو ٽيجهو

بلوچ قومپرست اڳواڻ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار عطاءُ الله مينگل جو ٽيجهو ٿي گذريو، جڏهن ته ڪوٽ مينگل وڍ ۾ سردار اختر جان مينگل، سردار اسد جان مينگل ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ٽيجهي جي تقريب ۾ جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله، پ پ اڳواڻ، اڳوڻي وفاقي وزير جنرل(ر) عبدالقادر بلوچ، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، ايوب ساسولي، اسلم ساسولي، چنگيز ساسولي، عبدالله مينگل، پ پ اڳواڻ ۽ ايم پي اي محمد سليم ڪلمتي، ايم پي اي راجا رزاق، يوسف بلوچ، سياسي  سماجي اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي، نعمان سرور بلوچ، داد ڪريم ڪلمتي بلوچ ۽ ٻين سياسي، سماجي ۽ قبائلي معززن شرڪت ڪئي ۽ فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته وڍ ۾ سردار اختر مينگل ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. رئيس غلام مصطفي، سينئر صحافي يار محمس بروهي، ايم پي اي لياقت آسڪاڻي، ايم پي اي سلمان عبدالله مراد، ايم پي اي يوسف مرتضي بلوچ ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.