ٽنڊو مستي لڳ شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ٽنڊومستي(ن ع آ) ٽنڊومستي لڳ اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ يار محمد مري اندر نوجوان نوشاد علي پٽ لطيف ڏنو مري پسند جي شادي نه ڪرائڻ تان گھر ڀاتين سان ڪاوڙجي زهريليون ٽڪيون کائي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو جنهن کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور علاج لاءِ پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي بعد ۾  نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف جڏهن نوجوان جو لاش  ٽنڊومستي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ يار محمد مري پهتو ته وارٽ عورتن ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.