پ پ سرڪار سنڌ تي ڌاريا مڙهي رهي آهي:صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي سنڌ سرڪار ۽ وفاق گڏيل طور تي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ موجود افغانين، بنگالين، بھارين ،برمين کي نيڪالي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو ڌاريون ماڻهو سنڌ تي معاشي بار هجڻ سان گڏ سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت، دهشتگردي جو به ڪارڻ بڻجي ٿو. هن وڌيڪ چيو آهي ته ڪراچي اندر فيڪٽرين ۾ سنڌي پورهيتن سان ناانصافيون وڌي ويون آهن، فيڪٽرين مان سنڌي پورهيتن کي بيدخل ڪيو وڃي ٿو، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ غير سنڌين کي سيڪورٽي ۾ رکيو ويو آهي، جنهن سبب فيڪٽرين ۾ آئي ڏينهن جهيڙا ٿين ٿا. هن چيو ته سنڌ سرڪار جي ليبر ڊپارٽمينٽ کي سرگرم ٿي ڪراچي اندر پورھيتن سان ٿيندڙ هر ناانصافي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته ته ڪراچي جي انٽرپرائيزز ڪمپني يونٽ 10 مان برطرف ڪيل سنڌي پورهيتن کي نيڪالي ڏني وئي آهي، جنهن عمل جي مذمت ٿا ڪيون، هن وڌيڪ چيو ته ڪمپني مان بيدخل ڪيل پورهيتن کي هڪ دم بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.