غوثپور لڳ مڇي مارڻ جي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

غوثپور (ن ع آ ) غوثپور جي ڪچي جي ڳوٺ محمد حيات اوڳاھي ڀرسان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو. ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 30 ورھين جو نوجوان سردار عرف نثار اوڳاھي قتل ٿي ويو. غوثپور جي ڪچي جي ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي ڀرسان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين عبدالخالق ۽ ميرل وارن ۾ مڇي مارڻ تان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن ۾ ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي جي مٿان ڪيس به داخل ڪرايا ھئا جيڪي عدالتن ۾ ھلندڙ ھيا۔ اڄ اھو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو جنھن ۾ عبدالخالق جي ڌر جي ھٿياربندن مڇي فارم تي ويٺل ٽيھن ورھين جي نوجوان سردار عرف نثار اوڳاھي پٽ محمد حسن کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا۔ اھڙي واقعي جي اطلاع بعد مقتول جي وارثن ھٿيار کڻي جوابدارن جي پيري پويان نڪري پيا آھن۔ آخري اطلاعن موجب ڌرين وچ۾ فائيرنگ جو سلسلو جاري آھي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي آھي۔ فوتي جو لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھي ۽ سوين ماھو گڏ ٿي ويا آھن ۽ لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.