سلطان ڪوٽ ۽ ڀرپاسي 5 چوري وارداتون، پوليس ستل

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) سلطان ڪوٽ,همايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيرجان کوسو ۾ نامعلوم چورَ هٿيارن جي زور تي پورهيت صلاح الدين کوسو جي گهران ڀلوڙ مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا، پورهيت پاران علائقي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي وس وارن کان واهر جي گُهرساڳي ئي ڳوٺ ۾ نامعلوم چورَ مِلڪِي کوسو جي گهر گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي 2 سولر پليٽون، 2 پکا، سلائي مشين، ٽيليويزن، موبائل فون سميت ٻيو ضروري سامان ٻهاري ويا,جڏهن ته ڳوٺ چوڏيو سڌايو ۾ به نامعلوم چورَ عبدالستار کوسو جي دڪان کي کاٽ هڻي هزارين روپين جو سامان ٻهاري ويا آهن.ڳوٺاڻن ۽ دڪاندار جو چوڻ هو ته اگر ٿاڻي تي اين سي داخل به ڪرائينداسين ٿيندو ڪجھ به ناهي. سلطان ڪوٽ ۾ مک چوڪ ويگن اسٽينڊ تي بيٺل ڳوٺاڻي جي موٽرسائيڪل چاٻي چور ڪاهي ويا,هوڏانهن همايون شريف شهر جي مختلف محلن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان موٽر سائيڪل سوار مرد ۽ عورتن جو گروپ سرگرم نظر اچي رهيو آهي، جنهن جون علائقي واسي شڪايتون ڪندي ٻڌائي رهيا آهن ته اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار ماڻهو مجهند جي وقت عورتن سميت ڳلين ۾ مختلف وقتن تي چڪر لڳائي رهيا آهن، جنهن سبب خوف ۾ ورتل آهيون ته ڪٿي اڻڄاتل ماڻهو اسان جي ڪنهن معصوم ٻار کي اغوا يا اهڙي قسم جي ڪا ٻي وادارت نه ڪري وڃن، پوليس انتظاميا کي گهرجي ته مهلائتو اکيون کولي ۽ شهرين کي تحفظ فراهم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.