لاڙڪاڻي لڳ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ميروخان روڊ تي تيز موٽرسائيڪل اڳيان ڪتو اچڻ سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڌوڻ لاشاري واسي نوجوان ياسين ڌوڻ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي حد جي ڪنگا ٿاڻي جي پوليس زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ياسين لاڙڪاڻي شهر کان پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل اڳيان ڪتو اچڻ سبب موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿيو

ڪراچي: ڦر دوران مزاحمت تي شهري زخمي، 2 ڄڻن جا لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع دنبا ڳوٺ واري علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 40 ورهين جي محمد اشرف پٽ سجاد کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا قائد آباد ٿاڻي جي پوليس کي لانڍي واري علائقي ۾ واقع مجيد ڪالوني جي گرائونڊ مان 25 ورهين جي هڪ نامعلوم هيروئني جو لاش هٿ آيو آهي،برگيڊ ٿاڻي جي پوليس کي لائينز ايريا واري علائقي جي هڪ گهر مان 55 ورهين جي عبدالرحمان جو ڳلو ڪٽيل لاش هٿ آيو آهي جنهن کي قانوني ڪارروائي جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.