سکر مان کنڀي گم ڪيل سجاد مڱڻيجو جي آزادي لاءِ نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو

گمبٽ (ن ع آ) يارهن ڏينهن اڳ سڳيون واسي شاگرد سجاد مڱڻيجو کي سکر مان کنڀي گم ڪرڻ خلاف وارثن جو گمبٽ پريس ڪلب اڳيان نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن امتياز منگريو امير منگريو فرحان منگريو غلام علي سھتو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سجاد مڱڻيجو 11 ڏينهن اڳ پوليس جي نوڪري لاء سکر ٽيسٽ ڏيڻ ويو ته کنڀي گم ڪيو ويو آهي ،سجاد مڱڻيجو تي ڪو به ڪيس داخل نه آهي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي ، سجاد مڱڻيجو جي گمشدگي سبب گهر ڀاتي سخت پريشان آهن هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل شاگرد کي آزاد ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.