افغانستان جون موجوده حالتون ۽ پاڪستان جي آزمائش

تحرير؛"راز"علي گل ڀٽو

افغانستان جي جغرافيائي۽جنگي حڪمت عملي جي حساب سان سان حالت پنھنجي مدد پاڻ جھڙي آھي،خاص طور تي ڪنھن ڌارئي ملڪ ۽فوج لاءِ اندروني حالتون ڏاڍيون مشڪل آھن،تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھيل تائين ڪيترن ئي ملڪن مٿس فوج ڪشي ڪئي آھي مگر مڪمل ڪاميابي ڪنھن کي به نه ملي آھي،اندروني سازش کان سواءِ افغانستان خلاف ڪاميابي ماڻڻ اوکو ڪم آھي،ڇو ته افغانن۾ملڪ لاءِ رت ڏيڻ جو جذبو موجود آھي،سندس سرحدي صورتحال اھا آھي ته ڪنھن به پاڙيسري ملڪ سان سندس حالتون سازگار ناھن سواءِ ايران جي، جنھن سان به نه امن نه جنگ وچٿرو ماحول آھي،اندروني طور تي به مختلف قبيلائي حالتن۾ورھايل آھي،،وڏي تقسيم سندس مذھبي سوچ آھي،جنھن لاءِ ھر سوچ  کي الڳ الڳ پرڏيهي حمايت حاصل آھي.

روس جي شڪست وقت طالبان جي پٺي تي آمريڪا ۽ پاڪستان ھئا،ھاڻي اتان آمريڪا جي وڃڻ کان پوءِ بظاھر طالبان کي چين، روس ۽ پاڪستان جي سڌي۽ اڻ سڌي حمايت حاصل آھي،چين افغانستان سان تعلقات وڌائي ٻين معاملن سان گڏ سي پيڪ شاھراه جو رستو ھموار ڪرڻ چاھي ٿو، افغانستان جي اندروني استحڪام۽ امن کي افغان تاجڪ،ھزاره،ترڪ،دروز ۽ پٺاڻ قبيلن جي ڪشمڪش به وڏو نقصان رسائي سگھي ٿي، اھو به ظاھر ٿيو آھي ته ذاتي مفاد خاطر افغاني غير ملڪي قوتن لاءِ ايجنٽ طور به ڪم ڪندا آھن، جنھن جي گواھي اھي پنج ھزار افغاني آھن جن کي آمريڪا پنھنجو حامي۽ ھمدرد ڄاڻائي پاڻ سان وٺي ويو آھي، اھو به اھڙي وقت ۾جڏھن ٻاھرين ملڪن ڏي لڏي ويل افغاني مھاجرن جي واپسيءَ لاءِ حالتون سازگار ٿي رھيون آھن،ليڪن غير ملڪي افغان ڀاڙيتو افغانن کي ته پنھنجي ڪيل جاسوسي ڪرتوتن جو خوف ۽ ڊالر جي چمڪ به ملڪ ڇڏائي رھي آھي، پھريون ڀيرو آمريڪا پنھنجي غير ملڪي حمايتن کي سلامتيءَ سان ٻاھر وٺي وڃي رھيو آھي، وڏي بيزاري ۽ تڪڙ مان آمريڪا افغانستان ڇڏي ويو آھي، جنھن لاءِ سندس ملڪ جو اندروني دٻاءُ به ھيو۔

چين کي پھريون ڀيرو کلي طرح ھتي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي رھيو آھي، جنھن سبب ھو ھت سيڙپ ڪاريءَ جا وڏا وڏا اعلان ڪري رھيو آھي، پاڪستان لاءِ پڻ اھو سٺو سنؤڻ آھي ته سندس دوست ملڪ جو افغانستان۾سياسي۽ معاشي اثرورسوخ وڌي رھيو آھي، جنھن سان ڀارت جي رستي روڪ به ٿي سگھي ٿي،افغانستان مان آمريڪي نيڪاليءَ وقت ھينئر اتي ھر شعبي ۾کوٽ ظاھر ٿي رھي آھي، ان کوٽ مان پاڪستان به وڏي خبرداريءَ سان وڏو فائدو وٺي سگھي ٿي، ان وقت پاڪستان جي سياسي،معاشي۽سفارتي ماھرن جو امتحان آھي ته ھو ان خال۾پنھنجي ملڪ لاءِ ڪيئن ۽ڪيتري جاءِ ٿا جوڙين، افغانستان ھينئر ھر لحاظ کان ڪمزور ملڪ آھي،پاڪستان کي ان ڪمزوريءَ ما فائدو وٺڻو آھي۽ ٻارنھن سئو ميل سرحدکي محفوظ به بڻائڻو به آھي۽افغان سرحد تي ڪرڙي نظر به رکڻي آھي، جيئن سرحد پار کان دھشت گرد ڪارروايون نه ٿين،جن سان افغان نئين قيادت کي ڪنھن ڦڏي فساد جو موقعو نه ملي،ان سان گڏوگڏ افغان واپار کي پنھنجي واپاري فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي، خاص طور تي کاڌ خوراڪ جي شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ گھرجي،خاص طور کنڊ،اٽو ۽ ڪڻڪ شامل آهن.

ويجھي ماضيءَ ۾پھريون ڀيرو تڀديليءَ کان پوءِ افغان حڪومت جي جوڙ جڪ  ۾ايڏي دير ٿي رھي آھي،جنھن سان ملڪي استحڪام،ٻڌي۽ايڪي کي ڌڪ رسي رھيو آھي،مختلف سياسي۽جنگجو ٽولا جنگ کان پوءِ حڪومتي جوڙ جڪ ۾گھڻو مال پاڻ ڏي سيرڻ جي ڪوشش  ڪري رھيا آھن،حڪومتي جوڙ جڪ کان پوءِ ملڪ ۾وڏي سياسي۽معاشي بحران پيدا ٿيڻ جو پڻ خطرو آھي،ڇو ته حڪومت کان محروم ٿيندڙ۽ گھٽ حصو ملندڙ ٽولا چپ ته ڪري نه ويھندا،اھڙي طرح افغانستان ۾جڙندڙ نئين حڪومت کان پوءِ حامي۽مخالف اتحاد به نئين سر جڙندا،جنھن سان نوان سياسي سماجي۽ معاشي مسئلا پيدا ٿيندا،سياسي سياڻا آمريڪا جي موجوده پسپائي کي به وري ورڻ جي چال قرار ڏئي رھيا آھن،ليڪن فلحال اھا چال موجوده ميدان جنگ مان سلامتيءَ سان نڪري وڃڻ تائين محدود ٿي لڳي، ٻئي طرف روس پنھنجي پراڻي دشمن طالبان ھٿان آمريڪا کي شڪست ڏياري پنھنجي شڪست جو پراڻو پلاند برابر ڪيو آھي.

آمريڪا کي موجوده حالتن ۾وري موٽڻو ھجي ھا ته اول ته نڪري ڇو ھا يا پنھنجا اٺ ارب ڊالرن جا جديد ھٿيار ضايع ڇو ڪري ھا،جيڪي ھاڻي ڪٻاڙ جي قيمت۾لاھور جي دڪانن تي سر عام وڪامي رھيا آھن،ٻين لفظن ۾آمريڪا پنھنجي پويان جنگي ٽيڪنالاجي جا ثبوت ڇڏي ويو آھي،جنھن مان پاڪستان چين ۽روس ڀرپور فائدو وٺي سگھن ٿا، پاڪستان کي ھاڻي ڏسو۽ انتظار ڪريو واري طريقي تي عمل ڪرڻو پوندو، ڇو ته آمريڪا ھاڻي ڪجهھ عرصو پنھنجون معاشي حالتون ٺيڪ ڪرڻ تي لڳائيندو، جيڪا معاشي بادشاھي سندس فوجي شھنشاھي ڊھڻ سان پٽ پئجي چڪي آھي،آمريڪا کي اندروني سياسي۽ معاشي بحران کي منھن ڏيڻ ۾به وقت لڳندو،آمريڪا جا سرڪاري سطح جا ڪيترائي نمائندا پنھنجي ھن تڪڙي ڀاڄ کي جائز ۽ دانشمندانه قدم سڏي رھيا آھن، ٻيو ته کيس تڪڙ۾موٽي اچڻ لاءِ مضبوط سبب گھرجن، جتي ھاڻي طالبان جي حڪومت ۽اڻ سڌي طرح کيس چين۽ روس سان به منھن ڏيڻو پوندو، جيڪو موجوده حالتن ۾آمريڪا لاءِ ڏاڍو ڏکيو آھي، ھاڻي پاڪستان لاءِ موقعو آھي ته افغان سرحد تي ڪرڙي نظر رکي جتان افغانين جي داخلا کي روڪي ۽اقوام عالم تي زور ڀري ته پاڪستان ۾موجود پنجاهه لک افغانين کي واپس پنھنجي ملڪ موڪلڻ کي ممڪن بڻائي،اھو سڀ ڪجهھ مضبوط سفارتڪاريءَ سان ئي ممڪن آھي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.