غوث پور ڀرسان باگڙي برادري جا 3 نوجوان اغوا، ڀنگ طلب

ڪنڌ ڪوٽ /غوثپور (رپورٽ: ممتاز سنڌي/عبدالغفار اوڳاهي ) غوثپورڳوٺ دڙي سندراڻي جا رهواسي 3 ڄڻا مبينا اغوا، ٻانهو باگڙي، ڪنبيرو ۽ جانو باگڙي دراني مهر واري علائقي ۾ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ پهتا ته هٿياربند اغوا ڪري ويا، وارث جمعو باگڙي موجب ته ڌاڙيلن فون ڪري چيو ته ٽئي ڄڻا اسان وٽ قيد آهن، پئسا ڏيو ته پوءِ ڇڏينداسين، اهڙي واقعي بعد وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو، دراني مهر پوليس مغوي جي وارثن کي آسرا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو، ٽن مغوين جي اغوا بعد باگڙي برادري جي ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور ٻڌايو ته ٽئي ڄڻا ٽو ون نائن جي علائقي دراني مهر جي حد مان اغوا ٿيا آهن، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.