قبائلي سردارن کي جرڳن جو اختيار سنڌ دشمني آهي: رسول بخش خاصخيلي

سکر (رپورٽر) قبائلي جهيڙا ۽ ڪارو ڪاري بند ڪريو ڪانفرنس عوامي تحريڪ طرفان سکر ۾ ائر پورٽ روڊ تي مقامي هال ۾ ٿي، ڪانفرنس کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته انگريزن جي دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين عوام جو رت چوسيندڙ جاگيرداري ۽ سرداري نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي. گذريل جولاءِ جي مهيني ۾ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ قبائلي سردارن کي جرڳا ڪري فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ سنڌ دشمن، انسان دشمن، فيصلو آهي. جيڪي سردار عورتن کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرائن ٿا سنڌ حڪومت انهن کي جرڳن جو اختيار ڏنو آهي، نور احمد ڪاتيار خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ عوام کي يرغمال بڻائي رکڻ لاءِ قبائلي نظام کي رت جون بوتلون هڻي مچائي مواڙ ڪيو ويو آهي. رياست نٿي چاهي ته قبائلي جهيڙا ۽ ڪارو ڪاري ختم ٿئي، سلميٰ لاشاري چيو ته سنڌ جي عورت مرد کان وڌيڪ ظلمن جو شڪار آهي، ڪانفرنس کي اسماعيل خاصخيلي،  ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سرواڻ جتوئي، مهراڻ نوناري، حسن علي ٻپڙ، نواز ٻپڙ، اصغر ملڪ، ڊاڪٽر مدد لغاري، ذوالفقار ميراڻي، عائشه ڌاريجو، ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو، ساجد شاهه، ريحانا جتوئي، ڪوثر ڦلپوٽو، زاهدا لاشاري، ايڊووڪيٽ سارنگ ڦلپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، ڪانفرنس ۾ قراردادون منظور ڪيون ويون ته سنڌ مان عوام دشمن جاگيرداري، قبائلي ۽ سرداري سماج جو خاتمو آڻڻ لاءِ سرداري نظام ختم ڪيو وڃي.وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن کي معاشي طور طاقتور بڻائيندڙ جاگيرون ٽوڙي "زميني سڌارا” آڻي زمينون سنڌي هارين ۾ ورهايون وڃن.علائقن ۾  ڌرين وٽ جديد هٿيار موجود هوندا آهن، اهي هٿيار ڪٿان کان ٿا اچن? انهن جهيڙيندڙ ڌرين وٽ ڪير ٿو پهچائي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.