اقرا عزيز جي تبصري تي شرميلا فاروقي کي سخت جوابَ

گذريل ڏينهن اداڪارا اقرا عزيز پنهنجي مڙس اداڪار ياسر حسين جي هڪ تصوير شيئرڪئي هئي جنهن تي شرميلا فاروقي تبصرو ڪيو هو.

اقرا عزيز طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ ياسر حسين پنهنجي پُٽ جا ڪپڙا مٽائي رهيو هو.

جنهن تي پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي تبصرو ڪندي لکيو هو ته ”اها ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي؟“

هن لکيو هو ته مرد کي عورت جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ گهرجي اهو ان جو فرض آهي.

شرميلا فاروقي پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ لکيو ته مان جڏهن بيمار ٿيندي آهيان يا ڪنهن ڪم ڪار ۾ مصروف هوندي آهيان ته منهنجو مڙس به ٻارن جو خيال ڪندو آهي اهو انهن کي اسڪول وٺي ويندو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ منهنجي مڙس کي پسند به آهي.

شرميلا فاروقي لکيو ته ان ۾ ڪا فخر جي ڳالهه ته ناهي؟، اهو ڪو اسپيشل ڪم ناهي جيڪو توهان جي مڙس ڪيو.

شرميلا فاروقي جي ان تبصري تي اداڪار ياسر حسين ۽ اداڪارا اقرار عزيز سخت جواب ڏنو آهي.

هنن تبصري جو جواب ڏيندي چيو ته رڳو سياست ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ سان ڪو مسئلو ناهي.

ياسر حسين پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي شرميلا فاروقي جي ٻار جو ڊائيپر مڻائڻ واري اقرار عزيز جي پوسٽ تي تبصري جو رد عمل ڏنو آهي.

هن چيو ته ”ادا پيار ڪرڻ سان به مسئلو آ، تعريف ڪرڻ سان به مسئلو آ، فخر ڪرڻ سان به مسئلو آ“

ياسر حسين پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته بس رڳو سياست ڪري ملڪ کي برباد ڪرڻ ۾ ڪو به مسئلو ناهي.

ٻئي پاسي اداڪارا اقرا عزيز به انسٽاگرام اسٽوري ۾ شرميلا فاروقي جي بيان تي رد عمل ڏنو آهي.

اداڪارا لکيو ته توهان جي لاءِ، اها ڪا وڏي ڳالهه نه هوندي پر مردن سان ڀريل دنيا ۾ جيڪي سدائين پنهنجي گهروارين جي اها تعريف ناهن ڪندا جيڪي هوءَ ماءُ طور پنهنجي ٻارن لاءِ ڪندي آهي.

اقرا عزيز لکيو ته منهنجو مڙس ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو منهنجي حمايت ڪري ٿو، مدد ڪري ٿو ۽ تعريف ڪري ٿو ته پوءِ مان ڇو نه؟

هن وڌيڪ لکيو ته عورتون چاهينديون آهن ته مرد انهن جي مدد ڪن ۽ وري مدد ڪن ته پوءِ چونديون آهن ان ۾ فخر جي ڳالهه ناهي، ٻنهي طرف برابري هجڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.