عاصمه راڻي جي پيءَ قاتل کي معاف ڪري ڇڏيو

 

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) ميڊيڪل جي شاگردياڻي عاصمه راڻي جي پيءَ ڌيءَ جي قاتل مجاهد آفريدي کي معاف ڪري ڇڏيو.

عاصمه راڻي جي اباڻي شهر سرائي نورنگ ۾ ڌرين وچ ٺاهه لاءِ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي قبيلن جي صلاحڪارن شرڪت ڪئي.

قتل ٿيندڙ ناري جي پيءَ جو چوڻ هو ته مجاهد آفريدي خاندان جي معافي قبول آهي، اسان جو مقصد جوابدار تي ڏوهه ثابت ڪرڻ هو، جيڪو پورو ٿيو.

هن چيو ته الله جي رضا خاطر مجاهد آفريدي کي معاف ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته مجاهد آفريدي تي 2018 ۾ رشتي کان انڪار تي عاصمه راڻي کي قتل ڪرڻ جو الزام هو، جوابدار واقعي کانپوءِ دبئي فرار ٿي ويو ۽ کيس انٽرپول ذريعي گرفتار ڪيو ويو هو.

هڪ مهينو اڳ عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ جتي ناريءَ جي قاتل کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.