ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 61 فوت، 3747 نون ڪيسن جي تصديق

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 61 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جڏهن ته 3747 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.

اين سي او سي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ سامهون آيل 61 فوتگين ۽ 3747 نون ڪيسن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 26،175 ۽ ڪيسن جو ڪُل انگ 1،179،305 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.47 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

اين سي او سي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن دوران سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2904 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 60 هزار 881 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيس 92249 آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.