قمبر مان نينگر گم، ڳولا ۾مدد جي اپيل

قمبر (ت ر) قمبر مهي مڪول ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ جهنج جو رهواسي 13سالن جو نينگر نديم ڀٽي گذريل ٻن هفتن کان لاپتا ٿي ويو والدين سخت پريشان ٿي ويا پوليس ۽ وس وارن کان ڳولا لاءِ اپيل جهنج واسين نينگر نديم ڀٽي جي ڏاڏو ۽ چاچي پريس ڪلب اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته سندس  نينگر 11 محرم الحرام تي گهران نڪري ويو هو گهڻي ڳولا باوجود هن وقت تائين سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو اسين اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي تي پڻ ڏنو آهي هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته سندس نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري سندن به چيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.