ٽنڊي آدم ۾ شادي نه ٿيڻ تي نوجوان جي خودڪشي

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم ۾ پسند جي شادي نه ٿيڻ تان  نوجوان پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو رپورٽ موجب ٽنڊوآدم جي راڻا ٽائون ۾ 21 ورهين جي نوجوان سجاد علي پٽ عنايت الله جمالي پسند جي شادي نه ٿيڻ تان پنهنجي گهر اندر پاڻ تي پستول جو فائر ڪري ڇڏيو جنهن کي مائٽن تعلقه اسپتال پهچايو جتان طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدراباد نيو ويو جيڪو رستي ۾ فوت ٿي ويو فوتي جو لاش تعلقه اسپتل ٽنڊوادم آندو ويو جتي لاش جو پوسٽ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر آندو ويو ته قهرام مچي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان هائوسنگ اسڪيم  ۾ چوڪيدار هو جنهن پنهنجي ماروٽ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي پر مامي کيس سڱ ڏيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو هو جنهن تان هو دلبرداشته ٿي اهو انتهائي قدم کنيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.