ڏوڪري ۾ٽئڪسي ڊرائيور جو پکي ۾ٽنگيل لاش هٿ

ڏوڪري (رپورٽ : قاضي آفتاب ) ڏوڪري ۾ ٽئڪسي ڊرائيور مبينا طور گهرو بڻت سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو تفصيل موجب ڏوڪري ۾ ٽئڪسي ڊرائيور مبينا طور گهرو بڻت سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي سندس لاش پکي ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو ان ڏس ۾ ڏوڪريءَ ۾ ڪار ٽيڪسي طور هلائيندڙ ڊرائيور نياز حسين ڪٽپر گذريل ڏينهن مبينا طور گهرو اڻبڻت سبب گهر جي پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي  سندس لاش  گهر ۾ ڇت سان ٽنگيل مليو. اطلاع ملڻ تي پوليس اهلڪار ۽ شهري واقعي واري هنڌ پهچي ويا. آپگهات ڪندڙ ٽيڪسي ڊرائيور جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال پهچايو ويو آهي. ضروري ڪارروائي بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته ٽئڪسي ڊرائيور ڪافي عرصي کان مونجهارن جو شڪار هو سندس دماغي حالت به خراب ٿي وئي هئي سندس علاج هلندڙ هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.