” قبيلائي جهيڙا ۽ ڪاروڪاري رسم ختم ڪيو “ اڄ ڪانفرنس

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو) عوامي تحريڪ طرفان قبيلائي جھيڙن، ڪارو ڪاري بند ڪريو جي عنوان ھيٺ ايئرپورٽ روڊ نزد شڪارپور ڦاٽڪ  وٽ اڄ ڪانفرنس ڪوٺائي  وئي آھي، جنھن ۾ عوامي تحريڪ مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سبحاني ڏاهري، ريحانه بلوچ شرڪت ڪندا، جڏھن تہ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سڃاڻ ڌرين، سياسي، سماجي، واپاري، استادن، شاگردن، ھارين، مزدورن، صحافين وڪيلن توڙي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن کي شرڪت جي لاءِ دعوت ڏني وئي آھي، سرواڻ جتوئي، حيدر علي شاھ ۽ ٻين طرفان سرور سيف، نامور وڪيل شبير شر، سرفراز آخوند، قومي شاعر، راڳي زاھد شيخ سميت ٻين کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ناما ڏنا ويا، عوامي تحريڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ سنڌي سماج کي ھٿ سان ھڪ سازش تحت وڏيرا شاھي، سرداري، جاگيرداري نظام ۾ ڦاسائي انتھا پسندي طرف ڌڪيو پيو وڃي ۽ عوامي دشمن وڏيرن، سردارن، جاگيردارن، ڀوتارن کي ماڻھن جي زندگي ۽ موت جا اختيار ڏئي عوام جي سيني تي سوار ڪيو ويو آھي تنھن ڪري صدين پراڻي قبيلائي  ۽ جاگيرداري نظام مان نجات ۽ ڇوٽڪاري واسطي سنڌ جي ھر فرد کي سجاڳ ٿي عملي قدم کڻڻ گھرجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.