سنڌ ۾ ڌاريا روڪڻ لاءِ قانون جوڙيو وڃي:ماروي پليجو

فريدآباد  ( ن ع آ )عوامي پورھيت تحريڪ تعلقا ميھڙ پاران فريدآباد  لڳ ڳوٺ چارو ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي  ـ جنهن ۾ عوامي  پورھيت تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي پليجو ـ ايڊوڪيٽ رحيم بخش ٻگھيو ۽ سنڌو پليجو پھچي ميڊيڪل ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي ـ ان موقعي تي عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماروي پليجو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ کي يتيم خانو سمجهي حڪمران ھٿ وٺي ڌارين جي لوڌ کي آندو وڃي ٿو ـ ھن چيو ته پ پ جي دور ۾ سنڌ افغاني بھاري بنگالي  ـ مھاجر ـ پٺاڻن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو ويو ـ ھن چيو ته حڪمران ڌارين جي لوڌ کي روڪڻ لاء قانون سازي ڪئي وڃي ـڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پيئيڻ جو صاف پاڻي ناھي ـ بک بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي رھي آهي ـ عورتن کي کاڌ خوراڪ جي ضرورت آهي ـ ھن چيو ته عوام جي ڀلائي لاء ڪردار ادا ڪندي رھندس ـ سنڌ ۾ عوام ۽ عورتن جي حقن جي حاصلات لاء جدوجهد جاري رھندي ـ عوامي پورھيت تحريڪ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڪردار ادا ڪيو آهي ـ اسان سڄي سنڌ ۾ مفت ميڊيڪل ڪئپمون لڳائڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي غريب مسڪين پورھيت طبقي جي خدمت ڪندا رھنداسين ـ سنڌ تمام وڏي خطري مان گذري رھي آهي ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ماھر ڊاڪٽرياڻين غريب مسڪين عورتن کي چيڪب ڪري 500 کان وڌيڪ مريضن کي تپاسيو ۽ مفت دوائون ڏنيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.