گهوٽڪي اسپتال غريبن لاءِ بي لاڀ، مريض دوائون خريدڻ تي مجبور

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي جي سرڪاري اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل ،سياسي مداخلت تي مقرر ٿيل ڊاڪٽر اسپتال جي جنرل اسٽور  تان قيمتي دوائون پنهنجن سفارشي ماڻهن کي ڏيڻ لڳا جڏهن ته غريبن کي بخار جي پيناڊول توڙي کنگھه جو شربت به نٿو ڏنو وڃي حق سچ لکندڙ صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون ،ان کان علاوه اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر به بند پيل آهي جڏهن ته ڪرونا ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڊاڪٽرياڻي هڪ فارم ڏئي ٿي ته ان فارم جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي اچو مريض هڪ ڪلوميٽر پنڌ ڪري فوٽو ڪاپي جي دڪان تان فوٽو ڪاپي ڪرائي ڏي ٿو پوءِ ان مريض کي فارم ڀرجي ملي ٿو ، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سول اسپتال گهوٽڪي اندر سهولتن جي شديد کوٽ آھي پر هتان جا سياستدان عوام کي اسپتال اندر سهولتون فراهم ڪرڻ بدران فوٽو سيشن ڪرائي غريب ماڻھن جي اکين ۾ سرمو پارائي واپس موٽايو  پيو وڃي. جنهن جي ڪري هتان جا غريب مريض علاج لاءِ خانگي اسپتالن ۾ مهانگو علاج ڪرائڻ تي مجبور بڻيل آھن.ان حوالي سان غريب مريضن توڻي گهوٽڪي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.