مڪاني چونڊن ۾ دير: چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اِي سي پي) سنڌ ۾ مڪاني  چونڊن ۾ دير بابت ڪيس کي باقاعده  ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ کان پوءِ چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جيڪي ايندڙ هفتي ڪميشن آڏو پيش ٿيندا.اي سي پي جي 3 رڪني بئنچ اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ معاملي جي ٻڌڻي ڪندي، بئنچ ۾ اليڪشن ڪميشن جي بلوچستان مان ميمبر نثار احمد دراني ۽ سنڌ جو ميمبر شاهه محمد جتوئي شامل هوندا.ان معاملي کي باقاعده ٻڌڻي لاءِ اٿارڻ جو فيصلو ڪميشن جي 25 آگسٽ واري اجلاس ۾ ڪيو ويو هو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.