ملير: بن قاسم ڪار ڊيلر ايسوسي ايشن پاران چوري ۽ ڦرن جي وارداتن خلاف ريلي

بن قاسم ڪار ڊيلر ايسوسيئيشن پاران چورين، ڦرن جي وارداتن خلاف حاجي بانود خان، نذير سيال، عدنان خان، نور حسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد کان ملير پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي مظاهرو ڪري ڌرڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملير جي مختلف علائقن اسٽيل ٽائون، گلشن حديد، پپري، شاهه ٽائون ۽ ڀرپاسي  ۾ ڪجهه مهينن ۾ دڪانن جا تالا ٽوڙي چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته 30 آگسٽ 2021 تي ڏينهن ڏٺي جو مين نيشنل هاءِ وي تي چئن ڪار سوار جوابدارن چئن شورومن پاڪستان موٽرز، الحديد موٽرز، سٽي موٽرز، هونڊا موٽرز جا تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو ضروري سامان چوري ڪيو، جنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر 2 سيپٽمبر تي ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار ٽن جوابدارن گن پوائنٽ تي جاويد موٽرز قائداعظم پارڪ آڏو بينڪ مان ڪڍرايل 13 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا،هنن وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کان امن امان برقرار رکي تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪئي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.