ڄامشورو ، ڪنڊيارو ، ڌاٻيجي ، قمبر ۽ ٺري ميرواھ جون خبرون

ڄامشورو: مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽرائزڊ داخلا ٽيسٽ مرحليوار شروع
ڪنڊيارو:محبت ديرو جتوئي اسپتال جي نئين سر تيار ڪيل عمارت جو افتتاح
ڌاٻيجي: برسات سبب بجلي بند هئڻ ڪري ڊرينيج ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام درهم برهم
قمبر ڀرسان حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثرن پاران احتجاج
ٺري ميرواھ: پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ڪوڏرون کڻي انوکو احتجاج

1
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي 2150 سيٽن لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪمپيوٽرائزڊ داخلا ٽيسٽ مرحليوار شروع ڪئي وئي جنهن جي پهرئين ڏينهن تي 700 جي لڳ ڀڳ اميدوارن ٻن شفٽن ۾ ٽيسٽ ڏني. هلندڙ ٽيسٽ دوران مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، پرو وائس چانسلر خيرپور ڪيمپس ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي ۽ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي پاران داخلا ٽيسٽ سينٽر جو دورو پڻ ڪيو ويو, ٽيسٽ ۾ ڪل 08 هزار 248 شاگردن توڙي شاگردياڻين اپلاءِ ڪيو جن مان گهربل ڪاغذ پورا نه هجڻ سبب 737 اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا جڏهن ته باقي 7 هزار 511 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا ٽيسٽ لاءِ اهل قرار ڏنو ويوجن کان 04 سيپٽمبر کان 14 سيپٽمبر تائين مرحليوار ٽيسٽ ورتي پئي وڃي,
2
پي پي ايڇ آء سنڌ جي زير انتظام بي ايڇ يو پلس محبت ديرو جتوئي جي نئين يونٽ ۽ موجوده عمارت جي مرمتي ڪم جوڪمشنر شھيد بينظير آباد سيد محسن شاه افتتاح ڪيو۔ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز تاشفين عالم، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڊيارو عبدالغفور ڌامراھ ۽ مختيارڪار ڪنڊيارو زاھد ڀٽي ساڻس گڏ ھيا۔ جڏھن ته پي پي ايڇ آء جي ريجنل ڊائريڪٽر نوابشاهه مظھر حسين ويسر، ڊي ايم نوشھروفيروز گل رحمان عباسي، مانيٽرنگ آفيسر اسدلله چانگ،ايم او هيڊ ڊاڪٽر عطا حسين راڄپر،ايڊمن شمشاد وڳڻ ۽ بي ايڇ يو محبت ديرو جي انچارج ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ھيرانند لالواڻي ڪمشنر کي ڪورونا ويڪسين ڪيمپ ۽ اسپتال جي مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ۽ اتي مريضن کي علاج جي ملندڙ سهولتن متعلق آگاهي ڏني،ڪمشنر ۽ ٻين مهمانن کي سنڌ جي روايت اجرڪ ۽ ٽوپي پارايا ويا۔
3
ڌاٻيجي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ سبب بجلي بند هئڻ ڪري واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج جو نظام مڪمل طور تي ناڪاره ٿي پيو ،جنهن ڪري گٽرن جو گندو پاڻي مک بازار ۾ بيهجي ويو، گٽر ابتا وهڻ لڳا ٻھراڙين جي علائقن ۾ ڍورا ۽ نيئون ڀرجي آيون، جنهن سبب ڳوٺن جو شھر سان رابطو ڪٽجي ويو، ڌاٻيجي کان مختلف شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني ،بلال نگر ،ماڊل ٽاون سميت ٻھراڙي جي ڳوٺن ڳوٺ آچار سالار جوکيو مامون سالار ،دريا خان ،صديق ڳوٺ ،ابراهيم ڳوٺ ،سميت درجنين ڳوٺن جا رستا مڪمل طور تي بند ٿي ويا، علائقي واسين دائود شاھ ،حافظ غلام حسين پنهور عبدالمالڪ بلوچ ،،جان عالم جوکيو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڌاٻيجي جي مختلف علائقن کان وهندڙ پاڻي جي نييئن ۽ نالن تي بااثر پاران غير قانوني قبضا ڪري انهن تي دڪان ۽ گهر اڏڻ سبب قدرتي برسات جا لنگهه بند ٿي ويا آھن جنهن سبب کين سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، پر افسوس جو مقامي انتظاميا توڙي اسسٽنٽ ڪمشنر مير پور ساڪرو جي ڪن تي جوء به نه چري
4
ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعد الله چانڊيو ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان چانڊيہ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن پاران جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف عورتن ۽ ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ميروخان پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد چانڊيو،ارشاد چانڊيو، مسمات زبيده،مسمات نصيبان ۽ ٻين چيو تہ مخالف ڌر جا ماڻهو اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ هيسائي رهيا آهن اسان تي حملا ڪري گار گند ڪن ٿا، هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي
5
ٺري ميرواھ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران ڪوڏرون کڻي انوکو احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي دانهون ڪندي آبادگارن جو چوڻ هو ته ساوڙي شاخ ۽ ڪلرو شاخ کي رشوت نه ڏيڻ ڪري بند ڪري آبادگارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي،آبادگارن ربن راڄپر بشير احمد ڌاريجو ، حاجي لائق مانڊڻ، سبزل راڄپر، خادم راڄپر ۽ٻين چيو ته ڪافي ڏينهن کان شاخون بند ڪري آبادگارن جي فصلن کي سڪايو پيو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو ووئڻن جو فصل سڪي تباھ ٿي ويو آھي، واھن کي هٿرادو کوٽ ڄاڻائي بند ڪندڙ آبپاشي عملو هميشه جيان رشوت گهري رهيو آھي، داروغا ۽ ايس ڊي او ڪرپشن ڪري ارب پتي بڻجي ويا آھن اسان کي سال جو فصل به نه ٿا کڻڻ ڏين، هنن وزيراعلي سنڌ آبپاشي جي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايريگيشن عملي خلاف ڪاروائي ڪري انهن کي پاڻي ڏنو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.