هاڻ آءِ فون مان اينڊرائيڊ فون ۾ واٽس ايپ ڊيٽا منتقل ڪرڻ ممڪن

آگسٽ ۾ سام سنگ طرفان نوان فولڊ ايبل فونز پيش ڪرڻ جي موقعي تي واٽس ايپ آءِ او ايس ڊوائيسز تان چيٽ هسٽري اينڊرائيڊ فونز ۾ منتقل ڪرڻ جي سروس متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

هاڻ اهو فيچر باضابطا طور تي واهپيدارن کي دستياب آهي ۽ شروعاتي طور تي اينڊرائيڊ 10 يا 11 آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ سام سنگ فونز تي ان کي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

يعني جيڪڏبهن اوهان وٽ اينڊرائيڊ 10 يا 11 تي ڪم ڪندڙ سام سنگ فون موجود آهي ۽ ڪنهن آءِ فون تان پنهنجي چيٽ هسٽري متنقل ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪري سگھو ٿا.

ان لاءِ رڳو اينڊرائيڊ 10 يا 11 تي ڪم ڪندڙ سام سنگ فون ۾ واٽس ايپ کي انسٽال ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ آپشن نظر ايندو.

یہ فیچر پہلے اینڈرائیڈ فونز کے لیے دستیاب ہوگا — فوٹو بشکریہ واٹس ایپ

اهو آپشن چيٽس کي ڪنهن آءِ فون مان محفوظ طريقي سان منتقل ڪرڻ جو هوندو ۽ ان لاءِ يو ايس سي ٽو لائٽننگ ڪيبل جي ضرورت نه هوندي.

 

ان منتقلي ۾ اڪائونٽس انفارميشن، پروفائل فوٽو، انفرادي چيٽس، گروپ چيٽس، چيٽ هسٽري، ميڊيا (وائس ميسيجز، تصويرون ۽ وڊيوز) ۽ سيٽنگز سب ڪجهه هڪ کان ٻئي فون ۾ ٽرانسفر ٿي ويندو.

پر ڪال هسٽري ۽ ڊسپلي نيم چيٽ ٽرانسفر جو حصو نه هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.