ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو سلسلو جاري، اٽي سوڌو 17 شيون مهانگيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت جي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدمن جي اعلانن باوجود سڄي ملڪ ۾ مهانگائي ۾ لاڳيتو واڌ جاري آهي.

شماريا کاتي طرفان مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب هن هفتي به مهانگائيءَ جي شرح ۾ 0.67 سيڪڙو واڌ ٿي.

انگن اکرن موجب هن هفتي کنڊ، اٽو، مرغي، ٿوم، بيف، مٽن، ڪوڪنگ آئل ۽ گيهه سميت 17 شين جي اگھن ۾ واڌ ٿي آهي.

شماريات کاتي موجب زندهه ڪڪڙ جي گوشٽ جي قيمت ۾ 23 رپيا 18 پئسا، کنڊ هڪ رپيو 76 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي.

رپورٽ موجب هلندڙ هفتي اٽي جي 20 ڪلن واري ٻوري 27 رپيا 14 پئسا، مڱن جي دال 7 رپيا 22 پئسا، گيهه جي في ڪلو قيمت 3 رپيا 18 پئسا ۽ ٿوم 13 رپيا 81 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي جڏهن ته بيضا 5 رپيا 15 پيسا في درزن وڌيڪ مهانگا ٿيا.

مهانگائيءَ جي گڏيل شرح 12.53 سيڪڙو رهي

شماريات اداري موجب هلندڙ هفتي 8 ضروري شين جنهن ۾ ٽماٽا 89 پيسا في ڪلو، ڪيلا في درزن 4 رپيا 62 پيسا، مڱن جي دال 2 رپيا 63 پيسا ۽ پٽاٽا 28 پيسا في ڪلو سستا ٿيا.

انگن اکرن موجب هن هفتي 26 شين جي اگھن ۾ استحاڪم رهيو جڏهن ته هفتيوار مهانگائي جي گڏيل شرح 12.53 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.