پي آءِ اي جهاز اسلام آباد ايئرپورٽ تي حادثي جو شڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي آءِ آي جو ايئربيس جهاز اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حادثي جو شڪار ٿي ويو.

ذريعن موجب پش بيڪ دوران جهاز ۽ ٽگ ماسٽر کي جوڙيندڙ ڪنيڪٽنگ راڊ ٽٽي پئي جنهن سبب حادثو  پيش آيو.

ذريعن موجب ڪنيڪٽنگ راڊ ٽٽن سان جهاز جي نوز وهيل کي شديد نقصان پهتو، حادثي کان پوءِ پي آءِ اي جو ايئر بيس جهاز کي گرائونڊ ڪيو ويو.

ايئرلائين ذريعن موجب حادثي سبب اسلام آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ اڏام به دير جو شڪار ٿي.

پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ جهاز سان پيش حادثي جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.