ڪراچي ۾ برسات ٽريفڪ نظام ڊانواڊول، شهري پريشان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم وڻندڙ ٿي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿيڻ سان گڏوگڏ شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني به سخت متاثر ٿي وئي آهي. شهر جي مختلف علائقن  ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو اڄ به جاري رهيو، گلستان جوهر، موسميات، آءِ آءِ چندريگر روڊ، صدر، شاهراهه فيصل، ڊفينس، ڪلفٽن، يونيورسٽي روڊ، ايئرپورٽ، ڪورنگي، گلشان اقبال، ملير ۾ مينهن وسيو برسات سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي فراهمي معطل ٿي وئي ۽ ٽريفڪ جي رواني پڻ سخت متاثر ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر چئني پاسن کان ڪڪرن جي گهيري ۾ آهي، وڌيڪ برسات به پئجي سگهي ٿي، جيڪڏهن مينهن وسندو رهيو ته اربن فلڊنگ جو به خدشو آهي موسميات کاتي موجب سمنڊ ۾ ٺهندڙ ڪلائوڊ ماس شهر ڏانهن وڌي رهيو آهي، هوا جو جيڪو گهٽ دٻاءُ ڏکڻ اوڀر ۾ موجود هو، ان شدت اختيار ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.