مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ملڪي سطح تي وڏو مقابلو کٽي ورتو

 

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ شعبي جي شاگردن ملڪي يونيورسٽين جي فائنل ايئر جي شاگردن ۾ پراجيڪٽ تيار ڪرڻ جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي.

سائنو-پاڪ سينٽر فار آرٽيفشنل انجنيئرنگ ۽ پاڪ آسٽريا انسٽيٽيوٽ آف اپلائڊ سائنسس ۽ ٽيڪنالاجي، هريپور پاران ڪرايل مقابلي ۾ مصنوعي ذهانت جي حوالي سان اليڪٽرانڪس شعبي جي مليحا ٽالپر، سعاد رحمان ۽ مدن لعل جي ٽيم اليڪٽرانڪس شعبي جي ايسوسيئٽ پروفيسر ڊاڪٽر عطيه بقائي جي رهنمائي ۾ اهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

ملڪ جي تقريبن سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جي شاگردن وچ ۾ ٿيل مقابلي ۾ مقابلو کٽڻ تي مهراڻ يونيورسٽي جي ٽيم کي مڃتا طور روڪ انعام پڻ ڏنو ويو آهي.

اهڙي ڪاميابي ملڻ تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر مختيار علي انڙ ۽ ٻين پاران ڄاڻايل شاگردن کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.