کپرو ۾ ڏوهاري وارڌاتن ۾ اضافو، استادکان موٽر سائيڪل ڦر

کپرو ( ن ع آ )  کپرو کاهي ٿاڻي جي حڌ ۾ هڪ دفعو وري لڪيل چور ظاهر ٿي ويا کاهي ۽ آسپاس ۾ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو کاهي پوليس ڦورن خلاف ڪوبه ڪاروائي ڪئي ويئي ڀٽ ڀائٽي اسڪول مان ڊيوٽي ڪري گهر ويندڙ کان ڍليار روڊ تي ڀٽ ڀائٽي وٽ نامعلوم ڦورن اسلعي جي زور تي باکريچي واسي استاد عبدالواحد درس کان موٽر سائيڪل ۽ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، کاهي جي رهواسين ايس ايس پي سانگهڙ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي ته کاهي پوليس کي روڊن تي الرٽ ڪيو وڃي ته علائقي وڌيڪ ڦرن جي وارداتن کان بچي پون.

سلطان ڪوٽ ويجهو نوجوان کان ڦر ڪوشش، مزاحمت تي زخمي

ڊکڻ (ن ع آ) جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀونگر عمراڻي ۾ نامعلوم ٻٽ ٻڌل ڦورن پاران هٿيارن جي زور تي نوجوان عمران عمراڻي کان CD-2020 موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت ڪرڻ تي ڦورو نوجوان عمران عمراڻي کي ڪلاشن ڪوف جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، متاثر نوجوان پاران جهان واهه ٿاڻي جي پوليس ۽ وارثن سان رابطو، ڦورن هٿان زخمي ٿيل نوجوان عمران عمراڻي کي پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ سول اسپتال سلطان ڪوٽ منتقل ڪري ڇڏيو. هوڏانهن اطلاع ملڻ تي جهان واهه ٿاڻي جي پوليس مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪندي ڦورن جا گهٽ بند ڪري ڇڏيا جنهن کان پوءِ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ پڻ ٿي جنهن دوران رستو تنگ ڏسي نامعلوم ڦورو نوجوان عمران عمراڻي کان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، جيڪا جهان واهه ٿاڻي جي پوليس متاثر نوجوان جي وارثن کي واپس ڪري ڇڏي، انهيءَ حوالي سان ايس ايڇ او جهان واهه محمد صديق شر جو چوڻ هو ته اسان عوام جي جان و مال جا محافظ آهيون علائقي ۾ امن و امان قائم رکڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ائين ئي اگر عوام بروقت اسان سان رابطي ۾ ايندو ته پنهنجي فرض ڪوتاهي ڪانه ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.