افغانين جي آبادڪاري، هزارين سنڌي ملازمن جي برطرفين خلاف قومي عوامي تحريڪ جا مظاهرا

ڪراچي(نمائندا) افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ، پاڻي تي ڌاڙي، نوڪرين مان برطرفين ۽ زمينن تي قبضن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ احتجاجي  مظاھريون ۽ ريليون ڪڍي ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو۔ ان ڏس ۾ ڪورنگي ۾ ضلعي صدر منور برھماڻي، حسين سنڌي، آصف سولنگي، اياز گل ڄامڙو، فياض پليجو، بدين ۾ محمد حسين درس، بچل احمداڻي، زين العابدين شاھ، ابراهيم بليدي، وارھ ۾ اڪبر خاصخيلي، عنايت لاشاري، مجيب چانڊيوميهڙ ۾ مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ منور علي جتوئي، پاويل جوڻيجو، خادم سولنگي، ساجد سوڍر، شبير چانڊيو، فياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ھڪ ڪلوميٽر ريلي ڪڍي انڊس ھاءِ وي ۽ گھنٽا گھر چوڪ تي ڌرڻو ھنيو، ٺل ۾ مريد جعفري ۽ اعجاز ڪنراڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سان ھميشه يتيم ٻار وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنائي ڌارين جون آبادڪاريون ڪيون ٿيون وڃن، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي مسلسل ھٿراڌو کوٽ ڪري لکين ايڪڙ زمينون بنجر ۽ ڪلراٺيون بڻجي ويون آھن، ھاري آبادگار قرضي بڻجي ويا اڳواڻن چيو ته وفاقي کاتن مان سنڌي ماڻھن کي برطرف ڪري بي روزگار ڪيو پيو وڃي،ٻارنھن ھزار سنڌي ملازمن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي، انھن سان سلھاڙيل زندگين جي تباھي جو ذميوار ڪير آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.