يونان ۾ ويڪسينيشن پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرا

ايٿنز (م ڊ) يونان جي ٻن وڏي شهرن ايٿنز ۽ سالونيڪي۾ هزارين شهرين ڪورونا وائرس جي وبا جي روڪٿام لاءِ حڪومتي ويڪسينيشن پاليسي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا، پرڏيهي خابرو اداري مطابق ان عوامي مظاهرن ۾ ايٿنز حڪومت جي طرفان صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، گادي واري شهر ايٿنز ۾ ان مظاهري جي پڃاڻي تي صورتحال شدت اختيار ڪري وئي، پارليمان جي عمارت جي سامهون گڏ ٿيل مظاهرين پوليس تي پٿرائو ڪيو ۽ پيٽرول بم اڇليا.

افغان ٻارن کي غذائي کوٽ جو مسئلو آهي: يونيسيف

نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسف  جي ريجنل ڊائريڪٽر ڏکڻ ايشيا جارج ليريا ادجي چيو آهي ته خوراڪ ۽ بنيادي ضرورتن جي گهٽتائي سبب افغان ٻارن کي غذائي کوٽ ۽ ٻين ڏکائين جو منهن ڏسڻو پئي رهيو آهي ۽ اهڙي وقت ۾ انهن کي ان جي حال تي نٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته  ان وقت سيڪورٽي بحران، خوراڪ جي وڌندڙ قيمتون، ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ سياري جي موسم اچڻ بعد ٻار شديد خطري سان وٺجي ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.