ملازمن جون برطرفيون، سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان سليڪٽڊ ناهيون جو مسئلا خبر نه هجن، سنڌ کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو سنگين ٿيندو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ پهرين کليل ڪچهري سان خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل ٽن سالن ۾ وفاقي حڪومت عوام کي ڪو فائدو ڏنو؟ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا آهن، وفاقي حڪومت نوڪريون ڏيڻ بدران هزارين ملازمن کي ڪڍيو.

هن چيو ته سنڌ ۾ وفاق جا 11 کاتا آهن، جتان 25 هزار ملازمن کي ڪڍڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، ڪڍيل ملازمن کي پ پ طرفان بهتر وڪيلن جون خدمتون پيش ڪيون وينديون ته جيئن اهي عدالتن ۾ وڃي پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن، مون کي اميد آهي ته اسان جي ملڪ جون عدالتون انصاف ڪنديون.

سندس چوڻ هو ته سنڌ لاءِ جيڪو به ڪم ڪرڻ چاهي ان کي نه روڪينداسين، ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهيا آهيون، سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ کليل ڪچهري ڪندس، وفاق کان 370 ارب رپيا گهٽ مليا، اسان کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻو آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جا مسئلا وڌندا پيا وڃن، جنهن جا نتيجا سنگين هوندا، درياهن ۾ پاڻي گهٽ ۽ منصفاڻي ورڇ ناهي، وفاق سنڌ کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪري رهيو آهي، وفاق پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي.

ڪورونا وائرس جي معاملي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام اسان جو ساٿ ڏنو، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 25 مان گهٽجي 10 سيڪڙو کان هيٺ ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.