ٽنڊو مستي ۾ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٽنڊومستي (ن ع آ)ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ متل رکياڻي اڄڻ واسين محمد عرس اڄڻ، امير علي اڄڻ، نياز حسين اڄڻ حاجي محمد اڄڻ. شمن. عطا محمد اڄڻ ۽ ٻين پنهنجي برادري جي بااثر ماڻهن غلام حسين اڄڻ. گل حسن اڄڻ. منور. لطيف ڏنو. گلاب ۽ ٻين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته بااثرن ٽنڊومستي پوليس جي مدد سان اسان جي ڏھ جريب کاتي واري ذرعي زمين تي ناجائز قبضو ڪري ورتو آهي جنهن بغد  مخالف هٿياربند ٿي اسان کي زمين طرف اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اهڙي لکت ۾ شڪايت ٽنڊومستي ٿاڻي تي ڏني آهي ان سان گڏوگڏ اهو ڪيس ڪورٽ سڳوري اندر ھلندڙ آهي تنهن جي باوجود ٽنڊومستي پوليس ٻئي ڌر خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري جيڪا اسان سان ناانصافي آهي ان موقعي تي مظاهرين ايس ايس پي خيرپور. ڊي سي خيرپور. ڪمشنر سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري بااثر ماڻهن کان زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 گمبٽ ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ زخمي، واقعي جو ڪيس داخل

گمبٽ(ن ع آ) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ موليڏنوڦل۾ ڦل برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو نوجوان سهيل احمد ڦل مرڻينگ گمس اسپتال  داخل، پوليس ٻنهي ڌرين جا هڪٻئي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا ڪنهن به ڌر جو ڪو به ماڻهون گرفتار ناهي ڪيو. جاچ ڪري رهيا آهيون  ان موقعي تي ايس ايڇ او گمبٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ارشاد علي ڦل واري ڌر ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته جوابدار سهيل ڦل ۽ ٻيا منهنجي ڀاڄائي عارفه خاتون ڦل کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته رڙين تي ڳوٺاڻن جي پهچڻ تي عورت کي ڇڏي ڦرار ٿي رهيا هئا ته سهيل ٿاٻڙجي ڪري پيو جنهن کي ٽنگن ۽ منهن تي ڌڪ لڳا آهن جنهن جو گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي.هوڏانهن فريادي منظور حسين ڦل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن سان پئسن جي ڏيتي جو مسئلو هلندڙ آهي. سهيل احمد ڦل جوابدارن عزيز ڦل،عابد،ارشاد،ماجد ڦل،حاڪم ڦل کان پئسا گھريا هئا جنهن تان جوابدار مٿس سخت تشدد ڪري مرڻينگ ڪندي ٽنگھون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون آهن. جنهن جو گمبٽ ٿاڻي تي گناه نمبر 124/2021 قلم 147،148،149 تحت ڪيس داخل ڪيوويو آهي. نوجوان سهيل احمد تشدد سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان سهيل شادي شدا ناري عارفا سان موبائل تي ڳالائيندو هيو جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.