هيءَ عمران خان جي پهرين ۽ آخري حڪومت آهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

ٽنڊي الهيار (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت تبديلي جو اصل چهرو آهي، هيءَ خان صاحب جي آخري حڪومت آهي.

ٽنڊي الهيار ۾ ڪارڪنن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي ٽن سالن جي ڪاميابي مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت آهي، ڇا اسان جي قسمت ۾ لکيل آهي ته سدائين غريب رهنداسين؟ ٽنڊي الهيار جا ماڻهو نااهل حڪومت کي ڀڄائڻ لاءِ تيار رهن.

هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت سدائين ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻندي آهي ۽ هاڻ وفاقي حڪومت ماڻهن جي معاشي قتل تي لهي پئي آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي افغانستان کان به وڌيڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به صوبي سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، وڏو وزير کليل ڪچريون ڪندو، پ پ سدائين غريب ماڻهو کي رليف ڏنو، اهڙي حڪومت گهرجي جيڪا عوام کي رليف ڏئي، پ پ حڪومت عوام کي ننڌڻڪو نه ڇڏيو هو، پ پ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريب جي مدد ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪري غريب کان اجهو کسي ورتو، بني گالا جو گهر ريگيولرائز ڪرايو ويو، اها آهي مديني جي رياست؟ چورن خلاف گوڙ ڪندڙ خان صاحب پاڻ چوري شروع ڪري ڇڏي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل موجب موجوده حڪومت ۾ تاريخي ڪرپشن ٿي رهي آهي، خان صاحب اٽو ۽ کنڊ به چوري ڪرائي.

پ پ چيئرمين موجب جيالا پنهنجي حقن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻين ٿا، پ پ هن سليڪٽڊ جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، سياسي ميدان ۾ لهي هن نااهل ۽ نالائق حڪومت جو مقابلو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.