حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام، 22 شين جا اگهه چڙهي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ جاري مهانگائي کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ۽ هلندڙ هفتي به اٽي ۽ کنڊ سميت ڪيترين ئي عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا.

ڳڻپ واري اداري طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب هلندڙ هفتي اٽي، کنڊ، گيهه، ڪوڪنگ آئل، تازي کير، ڏهي، ڪڪڙ جي گوشت، بيضي، بصر ۽ ٿوم سميت 22 عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿيون.

رپورٽ موجب مهري جي دال في ڪلو 14 رپيا 66 پئسا، ٿوم في ڪلو 12 رپيا 72 پئسا مهانگي ٿي.

انگن اکرن موجب ٽماٽي ۽ ايل پي جي سميت 5 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته 24 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.