افغانستان کي پنهنجي حال تي ڇڏيو وڃي

تحرير: طفيل مگسي

افغانستان جنهن ۾ سڀ کان وڏو جٽادار فارمولو اهو ٿي سگھي ٿو ته دنيا کي کپي ته هن ملڪ جي مامرن ۾ ايتري دلچسپي ۽ ڄنگهھ اڙائڻ ڇڏي ڏيئي.؛ ڇاڪاڻ ته اهي دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ  ڪڏھن ”ط“ منجهان طالبان بڻجي وڃن ٿا ته ڪڏھن ”ل“ سان لبرل بڻجي وڃن ٿا ته ڪڏھن وري ”ڪ“منجهان ڪميونسٽ بڻجي وڃن ٿا.جنهن ڪارڻ انهن جي دل وڌي وڃي ٿي ته شايد اسان کي پکي(هڪ اهڙي قسم جو پکي جنهن جا پر تمام گهڻا ۽ خوبصورت ٿيندا آھن) جا پر لڳل آھن.جن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ  دنيا چري ٿي رهي آھي.جنهن کي بعد ۾ اھي ڪيش ڪرائين ٿا ۽ ڏسندي ڏسندي دنيا سڄي جي دولت افغانستان منتقل ٿي وڃي ٿي، ان جو مثال ان گدڙ جيان آھي.جنهن کان ڪنهن پنهنجي ضرورت جي لاءِ  ان کان سندس اسٽول گهريو.گدڙ نهايت ئي ڪروفر سان جواب ڏنو”ڏس منهنجا انسان  ڀاءُ“ اسان پيشاب هڪ خاص پهاڙ تي ڪندا آھيون .اسٽول وٺڻو اٿئي ته انهيء پهاڙ تي چڙھي اچ؛؛

بلڪل ساڳئي صورتحال افغانين جي آھي.انهن سان گڏ امن سان رهڻ جي ڳالھه ڪريو ته اهي زري منجهان فتح خان بڻجي وڃن ٿا.پوءِ جيڪڏھن ڪو ٻيو کين کي نٿو ملي ته اهي پاڳل پاڻ ۾ ئي ويڙھ شروع ڪري ڇڏين ٿا.هڪ پاسي دوستم ۽ غني.ٻئي پاسي مولوي يعني اهي پاڻ ۾ بلڪل ائين بڻجي وڃن ٿا جيئن انڊيا ۽ پاڪستان.بعد ۾ ڇا ٿو ٿئي ته ڊذ ڊذ- وادي پنجشير ۾ ايترا ماري ڇڏيائون ۽ غزني ۾ سڀ ڪجھه مٽي ۾َ ملائي ڇڏيائون.

هوڏانهن انهن جو اهو ڊرامو شروع ٿيو.هيڏانهن انهن جي لاءِ  ڪن کي پيٽ ۾  مروڙ ته ڪن کي مٿي ۾ سور ته ڪن کي علائقائي اجارا داري جي لالچ شروع ٿي وڃي ٿي.جڏھن ته دنيا وري اهي سموريون همدرديون ڇڏي ڪري پنهنجا پنهنجا بارڊر سيل ڪري ويهي رهي ٿي ته جيئن اهي ماڻھو منشيات يا هٿيار اسملنگ نه ڪري سگهن.مان ته چوان ٿو ته انهن جي پوئيواري ئي نه ڪجي.ڇوته انهن کي جڏھن بک ورائيندي ته اهي ڇهن مهينن ۾ ئي انسان نه بڻجي وڃن ته اوهان جو جوتو ۽ منهنجو مٿو ؛؛؛

يورپ هلندڙ پنجن سالن واري منصوبي جي تحت لکين اسڪليڊ پاڪستانين کي ننڍڙيون نوڪريون جيئن سروس انڊسٽري .فيلڊ ۽ ميڊيڪل جي شعبن ۾ يورپ ۾ ويزا ڏيڻ جو پروگرام رکيون ويٺو هو.هاڻي اهو منصوبو افغان پناهه گير جي سبب کان   جو شڪار ٿي ويو آھي.دنيا سڄي جي دولت انهن افغانين جي سبب کان ضايع ٿي وڃي ٿي.ماڻھن جي ترقي بيهي رهي ٿي.سٺي زندگي جو خواب اڻپورو رهجي وڃي ٿو.هڪ اهڙي قوم جي لاءِ  ته جنگ جنهن جي انڊسٽري آھي.ڪنهن ڪڏھن ٻڌو ته افغانستان ۾ سواءِ  ھيرون جي ٻيو ڪجھه ٺھي ٿو؟

اناج پنجاب جو کائين.ڪپڙو هندستان جو پائين،سگريٽ امريڪا جا ڇڪين ٿا.ايستائين ته نسوار جي لاءِ  تماڪ به پاڪستان کان وٺن ٿا.

انهن کان جان ڇڏائڻ جو هڪ ئي طريقو آھي.جيڪي ترقي وارن پيرن جا زنجير بڻيا ويٺا آھن.انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو وڃي.خدا جو غضب ته پندرهن ٽريلين ڊالرز انهن تي خرچ ڪيا ويا.جن جي ذريعي هن گلوب کي جنت بڻائي پئي سگهياسين.دنيا مان غربت جو خاتمو ٿي پئي سگهيو هو.سائنس ۽ ميڊيڪل جي شعبن ۾ ترقي ڪري ٿي پئي سگهي هئي.گلوب تي رهڻ وارن ساڍن ست ارب انسانن کي تعليم ملي ٿي سگهي هئي ۽ افريقي ملڪن جي عوام جي تقدير بدلائي پئي سگهيا هئاسين؛؛؛

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.