حڪومت افغانستان مان ايندڙن لاءِ هوٽل خالي ڪرائي ڇڏيا، بڪنگ تي بندش

ڪراچي (م ڊ) ڪابل ايئرپورٽ تي ڌماڪن کانپوءِ اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪراچيءَ  جا وڏا هوٽل خالي ڪرايا ويا آهن ۽ 21 ڏينهن لاءِ مقامي  شهرين جي هوٽلن ۾ بڪنگ تي حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي آهي، جڏهن ته  اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. چيو وڃي ٿو ته  آمريڪا اتحادي فوجين کي افغانستان مان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان کان مدد طلب ڪئي آهي ۽ پاڪستان هاڪاري موٽ ڏيندي پي آءِ اي جون خاص اڏامون شروع ڪيون آهن، جيڪي آمريڪين سميت اتحادي فوجين کي افغانستان مان حفاظت سان ڪڍي پاڪستان آندو ويندو ۽ انهن کي ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي هوٽلن ۾ ترسايو ويندو بعد ۾ کين ويزائون جاري ڪري پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. ميڊيا ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پاڪستان جو جهنڊو افغانستان ۾ تحفظ ۽ سلامتي جي علامت بڻيل آهي، پي آءِ اي جا جهاز پاڪستان  جو جهنڊو لڳائي افغانستان وڃن ٿا ۽  واپس ٿين ٿا، انهن کي هن وقت تائين ڪنهن به نشانو نه بڻايو آهي، ان ڪري جيڪي ماڻهو پاڪستان اچڻ لاءِ ايئرپورٽ تي پي آءِ اي جي جهاز ۾ سوار ٿيڻ اچن ٿا، اهي هٿن ۾  پاڪستان جو جهنڊو کڻي اچن ٿا، کين پڪ هجي ٿي ته پاڪستان جو جهنڊو سندن هٿن ۾ آهي ان ڪري ڪير به کين نشانو نه بڻائيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.