سام سنگ جي هن نئين فون ۾ ڪهڙا خاص فيچرز شامل آهن؟

جيڪڏهن اوهان پنهنجي سمارٽ فون جي وڏي سائيز سبب پريشان آهيو ته ڏکڻ ڪوريا جي ٽيڪنالوجي ڪمپني سام سنگ اوهان جي ان ڏکيائي جو حل ڪڍي ورتو آهي.

سام سنگ طرفان نئون سمارٽ فون خريداري لاءِ اڄ پيش ڪيو ويندو.

ڇا اوهان کي خبر آهي ته سام سنگ جي نئين سمارٽ فون ۾ ڪهڙا نوان فيچر شامل آهن؟

سام سنگ Samsung Galaxy Z Flip 3 سمارٽ فون متعارف ڪرايو آهي جيڪو سائيز ۾ ته وڏو آهي پر ان جي فولڊ ٿيندڙ خاصيت ان کي سولائيءُ سان کيسي ۾ رکڻ جوڳو بڻائي ٿي.

اس کی اسکرین فولڈ ہوجاتی ہے اور آپ اسے آرام سے استعمال کرسکتے ہیں—فوٹو:بشکریہ سی نیٹ

موبائل جا خاص فيچر

*5 جي

*فولڊ ايبل ڊسپلي

*ريورس وائرليس چارجنگ

*15 واٽ فاسٽ چارجنگ

هن سمارٽ فون جا 4 ماڊل متعارف ڪرايا ويا آهن جڏهن ته اهي 7 رنگن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندا.

جبکہ یہ 7 رنگوں میں صارفین کو میسر ہوگا —فوٹو:بشکریہ سی نیٹ

سمارٽ فون جي قيمت؟

Galaxy Z flip3 جي قيمت 1000 ڊالر (يعني پاڪستاني هڪ لک 66 هزار رپيا) رکي وئي آهي جنهن ۾ اوهان کي اها سمارٽ فون 128 جي بي اسٽوريج ۽ 8 جي بي ريم فراهم ڪندي.

256 جي اسٽوريج ۽ 8 جي بي ريم وارو ماڊل اوهان هڪ هزار 50 ڊالرن (هڪ لک 75 هزار پاڪستان رپين) ۾ خريد ڪري سگھو ٿا.

ان کان سواءِ 256 جي بي اسٽوريج ۽ 12 جي بي ريم وارو سمارٽ فون 1800 ڊالرن (9 لک پاڪستاني رپين) جڏهن ته ان جو چوٿون ماڊل 512 جي بي اسٽوريج ۽ 12 جي بي وارو سمارٽ فون 1900 ڊالرن (تقريبن 3لک 16 هزار پاڪستان رپين) ۾ خريد ڪري سگھجي ٿو.

ڪيمرا

اس میں 12 میگا پکسل وائڈ اور 12 میگا پکسل الٹرا وائڈ کیمرا دیا گیا ہے  —فوٹو:بشکریہ سی نیٹ

جيڪڏهن اسان هن سمارٽ فون جي ڪيمران جي ڳالهه ڪنداسين ته ان ۾ 12 ميگا پڪسل وائڊ ۽ 12 ميگا پڪسل الٽراوائڊ ڪيمرا ڏني وئي آهي جڏهن ته ان جي فرنٽ ڪيمرا 10 ميگا پڪسل جي آهي.

بيٽري

Samsung Galaxy Z Flip 3 ۾ MAH 3300 جي بيٽري لڳائي وئي آهي جنهن سان اوهان سمارٽ فون کي ڪلاڪن تائين چارجنگ کان سواءِ استعمال ڪري سگھبو.

پروسيسر

سام سنگ جي ان نئين سمارٽ فون ۾ 888Qualcomm Snapdragon جو پراسيسر لڳايو ويو آحي.

ڊسپلي سائيز

Samsung Galaxy Z Flip 3 کی مکمل اسکرین سائز 6.7 انچ ہے —فوٹو:بشکریہ سی نیٹ

Samsung Galaxy Z Flip 3 ۾ فولڊ ايبل ڊسپلي به ڏني وئي آهي جنهن جي خاصيت اها آهي ته واهپيدارن کي 3 قسمن جي ڊسپلي اسڪرين نظر ايندي. سڀ کان اڳ ۾ ته هو مڪمل اسڪرين جيڪا عام طور تي موبائل کي استعمال ڪندي وقت اسان جي آڏو آهي جنهن جي سائز 6.7 انچ آهي.

سمارٽ فون کي جيڪڏهن فولڊ ڪيو وڃي ته ان جي اسڪرين 2.84×3.40×6.74 ان جي ڊسپلي ڏيندي آحي. ان کان سواءِ ان سمارٽ فون ۾ هڪ نوٽيفڪيشن اسڪرين يا تصوير ڪڍڻ لاءِ به اسڪرين ڏني وئي آهي جڏهن اوهان ان فون کي فولڊ ڪندئو ته موبائل جي ٻاهرين حصي تي 1.9 انچ جي ڊسپلي ڏيندڙ اسڪرين هوندي.

اس اسمارٹ فون میں ایک نوٹیفکیشن اسکرین یا تصویر لینے کے لیے بھی اسکرین دی گئی ہے —فوٹو:بشکریہ سی نیٹ

Samsung Galaxy Z Flip 3 هونئن ته 27 آگسٽ کان خريداري لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي پر واهپيدار لاءِ سام سنگ ڪمپني پري آرڊر جي سهولت 11 آگسٽ کان ئي فراهم ڪري ڇڏي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.