ڪراچي: فيڪٽري ۾لڳل باهه ۾ سڙي فوت ٿيلن جو انگ 25 ٿي ويو، 4 ڀائر به شامل

ڪراچي جي علائقي  ڪوررنگي ۾ مھراڻ ٽائون سيڪٽر 6B اندر بيگ ٺاھيندڙ ڪيميڪل فيڪٽري اندر باھ لڳڻ جي هانوَ ڏاريندڙ واقعي ۾ هڪ گهر جا چارڏيئا اجهامي ويا ، جڏهن ته سڙي فوت ٿي ويلن جو انگ 15 ٿي ويو ، فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ واري واقعي وقت 25 مزدور موجود هئا ، جن مان 15 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ، فيڪٽري ۾ موجود عيني شاهدن جو چوڻ هو ته خبر ناهي ته باهه ڪيئن لڳي ، ڇو ته  نه ڪو شارٽ سرڪٽ ٿيو  نه ئي ڪا باه وغيره ٻاري وئي هئي،، واقعي جو وڏي وزير  پاران نوٽيس ورتو ويو ، ،چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڪشمنر ڪراچي سيڪريٽري ليبر رشيد احمد سولنگي کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، زخمين کي فوري طور تي سھولتون فراھم ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو ويو، فوت ٿيلن  ۾ عثمان ولد خان عمر، فرمان ولد احسان، حسن ولد سليم، علي ولد محمد منير ، عرفان ولد احسان، فرمان ولد محمد احسان، زاھد خان ولد الله ڏنو، محمد عثمان  ولد امداد حسين، راشد ولد نثار حسين، سيد جواد علي ولد محمد حسين، شعيب ولد محمد خليل، محمد صابر ولد اسلام الدين. ۽  محمد ڪاشف ولد ذوالفقار شامل آهن ، مھراڻ ٽائون باھ واقعي تي گورنر سنڌ عمران اسماعيل،  اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي حليم عادل شيخ ، پي ٽي آء جي ايم پي اي خرم شيرزمان افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته بيگ تيار ڪرڻ واري فيڪٽري ۾ لڳل باھ جي صاف شفاف جاچ ڪرائي اصل حقيقتون منظر عام تي آنديون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.